رفيعه ملاح

رفيعه ملاح

رفيعه ملاح

رفيعه ملاح: شاعر، ڪالم نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر رفيعه ملاح جو جنم 15 جولاءِ 1975ع تي نظر ‏حسين جي گهر، سيتا ننڍي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. هن، ابتدائي تعليم، مئٽرڪ (1990ع)، انٽر (1992ع) جا امتحان ‏حيدرآباد بورڊ مان پاس ڪيا. بي.ا ي (آنرز- 1996ع)، ايم. اي (انگريزي ادب- 1997ع)، ايم. اي (سماجيات- ‏‏1999ع) ۽ بي. ايڊ (2005ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. جڏهن ته ايم. ايڊ (2012ع) ‏پريسٽن يونيورسٽي (گلشن ڪئمپس، ڪراچي) ۽ ايم. فل (2015ع) جي ڊگري وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ ‏مان حاصل ڪيون. ان کانسواءِ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن، ڪراچي مان ابتدائي ٻاروتڻ واري تعليم ‏‏(‏E.C.E‏) ۾ ايڊوانس ڊپلوما جي ڊگري 2019ع ۾ مڪمل ڪئي. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ‏ڪري رهي آهي. 1998ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر مقرر ٿي، 1999ع ۾ علامه آءِ. ‏آءِ قاضي چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ ۽ 2000ع ۾ اسريٰ ڪاليج، حيدرآباد جي منتظم/ڪوآرڊينيٽر ٿي رهي. ‏‏2001ع ۾ ٽنڊي آدم ۽ قاسم آباد جي گرلز ڪاليجن ۾ انگريزيءَ جي ليڪچرر رهي. 2005ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ ‏آف رجسٽريشن اينڊ انسپيڪشن آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشنز/اسڪولز ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عھدي تي فائز ٿي، ‏جتان پوءِ ترقي ماڻي 2010ع ۾ رجسٽرار مقرر ٿي. 2011ع ۾ کيس ثانوي تعليمي بورڊ، ڪراچيءَ ۾ ڪنٽرولر ‏‏(امتحان) مقرر ڪيو ويو. 2012ع کان 2013ع تائين سنڌ جي مڙني تعليمي بورڊن جي ڊپٽي سيڪريٽري ٿي ‏رهي. 2013ع ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيوٽ انسٽيٽيوشنز/اسڪولز جي ‏ڊائريڪٽر ۽ هڪ ڀيرو ٻيھر رجسٽرار مقرر ٿي. هن وقت ساڳئي اداري ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هئڻ سان گڏ، ‏گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، حيدرآباد ۾ ٽن سالن (2022ع کان) لاءِ سينڊيڪيٽ جي ميمبر پڻ آهي.‏ تعليمي ماهر ۽ محقق جي حيثيت ۾ هن ڪيترن ئي ڏيھي توڙي مقامي سطح جي ورڪشاپن، ‏سيمينارن ۽ تربيتي سکيا وارن پروگرامن ۾ شرڪت سان گڏ ڪيترائي پروگرام منعقد ڪرايا آهن. ان کانسواءِ ‏هن اخبارن ۾ عورتن جي حقن بابت جاڳرتا لاءِ ڪالم به لکيا آهن. هي فلاحي ڪمن ۽ سماجي مسئلن جي حل ۽ ‏ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪافي سرگرم رهي آهي. هن ٻارن جي تعليم و تربيت لاءِ خانپور ۾ الحاج امير بخش ‏جوڻيجو چلڊرنز لائبرري ۽ دادو ۾ غلام محمد ملاح پبلڪ لائبرري سميت غلام محمد ملاح انٽرنيشنل ‏اسٽينڊرڊ انگلش لينگئيج ليب قائم ڪيا آهن. هن شاعريءَ ۾ حمد، نعت، منقبت، قومي ۽ ثقافتي گيت لکيا ‏آهن. ان کانسواءِ سندس نثري تصنيفن ۾: ‘عورت مرد ۽ فطرت’, ‘خشونت سنگهه جي چونڊ ڪالمن جي سنڌي ‏ترجمي تي مبني مجموعو’، ‘منھنجي زندگيءَ ۾ آيل مرد ۽ عورتون’ ۽ گرم جون آکاڻيون (ترجمو) شامل آهن.‏ کيس تعليمي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ عيوض ڪيترائي مڃتا اوارڊ ۽ اعزاز ملي چُڪا آهن. پاڻ، ‏هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ رفيعه ملاحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.05.15  عيسوي

شاعر، ڪالم نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر رفيعه ملاح جو جنم 15 مئي 1975ع تي نظر ‏حسين ‏جي گهر، سيتا ننڍي، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بائرن
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
خادم حسين ابڙو
رضوي سيد زوار حسين شاهه
غلام علي فقير زنگيجو
علي نواز ڏاهري
محبوب سروري
چانڊيو عاشق
سليم بچاڻي
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون